سيد محمد تقي بخاري

سيد محمد تقي بخاري: نامياري بزرگ ۽ درويش سيد محمد تقي بخاريءَ جو شمار، 12 صدي هجريءَ جي بزرگن ۾ ٿئي ٿو. تحفة الڪرام ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي، سيد محمد تقي بخاريءَ لاءِ لکيو آهي ته: ”شڪارپور جي ماڻهن مان سيد محمد تقي بخاري پنهنجي وقت جو صاحب ڪرامت ٿي گذريو آهي. عام ۽ خاص ماڻهن جو منجھس تمام گهڻو اعتقاد هوندو هو. سندس پٽ سيد ابو طالب ۽ سيد مير محمد اتي مشهور آهن.“
هن صوفي بزرگ جي تربت هزاري در، شڪارپور جي مسجد جي پويان شڪارپور ۾ هڪ حويليءَ اندر آهي. وفات جي تاريخ ڪتبي تي اُڪريل نه آهي. سندس اولاد شڪارپور ۾ رهي ٿو.


لفظ سيد محمد تقي بخاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو